ديوان ماتم

ديوان ماتم

ديوان ماتم

ديوان ماتم (ڪتاب): هي ديوان حڪيم فضل محمد عباسيءَ جي اردو شاعريءَ تي مشتمل آهي. سندس والدين ٽنڊي مائي ماهڻ (حيدرآباد) جا رهواسي هئا، جتي حڪيم فضل محمد جي 1230هه / 1518ع ۾ ولادت ٿي. ديوان جي تڪميل پيريءَ ۾ ڪيائين، جنهن بابت ديوان جي آخر ۾ قطعو چيو اٿس:
هزارو دو صدو چهارم نوي مين،
هوئي ديوان ماتم کي تمامي،
کهي ماتم سن هجري ۾ اس کي،
’گل باغ ارمتاريخ نامي.
1294هه
ديوان ماتم الف- ب ترتيبوار رديفن سان لکيل آهي، جنهن ۾ ڪل 219 غزل آهن. هي ديوان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرتب ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته: ”ديوان جو قلمي نسخو راقم کي مرزا اسد بيگ کان مليو، مرزا صاحب ٻڌايو ته هي قلمي نسخو ٽنڊي قيصر جي شاعر حاجي حقير کي ڪجهه سال پهرين هٽڙيءَ مان مليو هو، جتي ماتم جي وفات ٿي.“ ڊيمي سائيز ۾ 300 صفحن تي مشتمل هي ديوان سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1990ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


لفظ ديوان ماتمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو